رياض -7 آڪٽوبر (اي پي پي) رياض ۾ 10 ڏينهن انٽرنيشنل بڪ فيئر ۾ 28 ملين ريالن کان ??ڌيڪ جا ڪتاب وڪرو ٿيا آهن. پرڏيهي نيوز مطابق ڪنگ سعودي يونيورسٽي ڪيمپس ۾ ايونٽ جي انتظاميه لٽريچر پبلشنگ اينڊ ٽرانسليشن ڪميشن جي سي اي او ڊاڪٽر محمد علوان چيو ته 26 سيٽمبر کان 5 آڪٽو??ر تائين جاري بڪ فيئر ۾ ڪتابن جي مداحن ۽ هر عمر جي 10 لک ماڻهن شرڪت ڪئي . بڪ فيئر ۾ 30 کان ??ڌيڪ ملڪن جي 2 هزار کان ??ڌيڪ سعودي عرب ۽ عالمي پبلشنگ هائوسز ۽ ادارن شرڪت ڪئي. بڪ فيئر ۾ 800 پويلين قائم ڪيا و??ا. ڪيمل ايئر جي حوالي سان خصوصي پويلين قائم ڪيا و??ا هئا جتي عرب ثقافت تي ٻڌل ڪتاب ۽ اٺن جي حوالي سان ت??وي??ون رکيون ويون هيون. ڪنگ عبد العزيز لائبريري جي پويلين ۾ مختلف زبانن ۾ ترجمو ٿيل لٽريچر مداحن لاءِ فراهم ڪيا و??ا جن ۾ عرب تهذيب ۽ ثقافت تي ٻڌل ڪتاب شامل آهن. ٻارن جي دلچسپي لاءِ مختلف نوعيت جي ڪهاڻين ۽ ت??وي??ن تي ٻڌل ڪتاب موجود هئا . هلندڙ سال رياض انٽرنيشنل بڪ فيئر جي سڀ کان ??نفرد شيءِ مصنوعي ذهانت وارا روبوٽ رهيا جيڪي مختلف زبانن ۾ اتي ايندڙن جي رهنمائي ڪري رهيا هئا. واضع رهي ته رياض بڪ فيئر هڪ ثقافتي پليٽ فارم آهي جيڪو مقامي ۽ عالمي ادب اشاعت ۽ ترجمي ڪندڙن جي علمي ڪوششن کي هڪ ڇت هيٺ گڏ ڪري ٿو.
رياض انٽرنيشنل بڪ فيئر ۾ 28 ملين ريال جا ڪتاب وڪرو، روبوٽ مختلف زبانن ۾ ماڻهن جي رهنمائي ڪندا رهيا
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ