ماسڪو/ ڪيف-04جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب اماراتن جي ٽياڪڙي ۾ روس ۽ يو??ري?? وچ ۾ 448 فوجين جي مٽا سٽا ڪئي وئي. ميڊيا رپورٽن موجب روس جي دفاع واري وزارت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته 248 روسي فوجين جي آزادي جو اعلان ڪيو ويو، ياد رهي ته يو??ري?? سان قيدين جي مٽاسٽا ۾ ڪيترن ئي مهينن ۾ پهريون ڀيرو 248 روسي فوجين کي آزاد ڪيو ويو آهي. روسي فوج بيان ۾ چيو آهي ته مذاڪراتي عمل جي نتيجي ?? 248 روسي فوجن کي يو??ري?? جي حڪومت جي ڪنٽرول واري علائقي مان واپس موڪليو ويو آهي، آزاد ٿيل سمورن روسي فوجن کي ضروري طبي ۽ نفسياتي امداد ڏني پئي وڃي روس جي هوائي فوج جي ملٽري ٽرانسپورٽ جهاز فوجي اهلڪارن کي دفاع واري وزارت سان لڳاپيل ادارن ۾ طبي علاج لاءِ پهچائيندا. ٻئي پاسي يو??ري?? جي صدر ولاديمير زيلنسڪي روس مان 200 کان وڌيڪ يو??ري??ي قيدين جي واپسي جي تصديق ڪئي آهي.
گڏيل عرب اماراتن جي ٽياڪڙي ۾ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ 448 فوجين جي مٽاسٽا
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II