گڏيل قومون -14 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي، ته اسرائيل طرفان غزه ۾ اچ وڃ جا رستا بند ٿيڻ سبب انساني صورتحال وڌيڪ سنگين ٿيندي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ٻارڻ جي گهٽتائي س??ب امدادي س??مان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي اچ وڃ بند ٿي سگهي ٿي، و??لا??يل فلسطيني علائقي ۾ گڏيل قومن جي انساني معاملن واري آفيس او سي ايڇ اي جي آفيس جي س??براهه و??لا??يل بيت المقدس مان ويڊيو لنڪ ذريعي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته غزه جي پٽي ۾ انساني زندگيون انتهائي خطرناڪ صورتحال ۾ مبتلا آهن، جن ۾ اسپتالن جي ان??يوبيٽرز ۾ علاج هيٺ ٻار به شامل آهن، جن جي زندگين جو دارومدار اسپتال ۾ بجلي جي فراهمي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته انساني همدردي ??ي بنياد تي جنگ بندي ۽ ٻارڻ جي فراهمي ٿيڻ گهرجي ۽ وڏي تباهي ٿيڻ کان ??هر??ن قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ان کان ??هر??ن جو دير ٿي وڃي.
غزه ۾ وڏي تباهي کي روڪڻ لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون