بيجنگ -24 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي، ته چين فلسطين مسئلي جي حل جي جائز ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. چين جي پرڏيهي کا??ي مطابق چين جي پرڏيهي وزير ملائيشيا جي پرڏيهي وزير ايمبري عبدالقادر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ جاري تڪرار تي غور ويچار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسرائيل فلسطين تڪرار جي سمورين ڌرين کي مستقل ام?? لاءِ عالمي اتفاق راءِ کي هٿي وٺائڻ گهرجي ۽ چيو ته ??و فلسطين مسئلي تي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي جائز مطالبن جي حمايت ڪن ٿا. وانگ يي چيو ته چين اهڙي ڪنهن به حملي خلاف ??هي جنهن سان معصوم شهرين کي نقصان پهچي ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ٿئي، اسان هميشه ام??، عالمي قانون ۽ فلسطين مئسلي تي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي جائز مطلبن سان گڏ بيٺا آهيون. چين جي پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هو غزه پٽي جي صورتحال تي ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي تنظيم آسيان ۽ نار سهڪار ڪائونسل جي گڏيل بيان جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته جڏهن جنگ ۽ ام?? جي ڳالهه ايندي آهي ته سمورين ڌرين تي جاگرافيائي ۽ سياسي خدشن کي هڪ طرف رکڻ گهرجي. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير چيو ته اسان جنگ بندي، جنگ جي خاتمي، شهرين جي تحفظ، ڳالهين ۽ ام?? ڳالهين کي هٿي وٺائڻ لاءِ چين جي ڪوششن جي واکاڻ ڪيون ٿا ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريون ٿا ته هو ٻه رياستي حل ۽ وچ اوڀر ۾ مستقل ام?? قائم ڪرڻ ??ي متفق آهن. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير چيو ته ام??د ٿا ڪيون ته چين ان ڳالهه ک?? يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ته تڪراري ڌريون جلد کان جلد ڳالهين جي ميز تي واپس اچن.
فلسطين مسئلي تي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي جائز مطالبن جي حمايت ڪيون ٿا: چين جو پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil