وزيراعظم عمران خان جو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ٽيليفون


اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽيليفون تي ڪورونا وائرس (ڪوويڊ 19) بابت چئلينجن، عالمي معيشت تي ان جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن علائقائي معاملن ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري وڏي پئماني تي جاني نقصان تي آمريڪي صدر سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.

مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو

متعلقہ مضامین