لاهور ??? 09 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جعلي خبر جو سهارو وٺي نواز شريف تي مني لانڊرنگ جو ا??زام هنيو پيو وڃي، نيب چيئرمين پاران نواز شريف تي مني لانڊرنگ جو ا??زام کل جوڳو آهي، نيب افواهن تي جاچ ڪري رهي آهي، نيب جي گواهن به نواز شريف جي حق ۾ گواهي ڏني آهي، اڄ تائين محمد نواز شريف جي خلاف هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت ناهي ٿي. هو سروسز اسپتال ۾ گهرو وزير پروفيسر احسن اقبال جي عيادت کانپوءِ صحافين سان ۽ مجيب الرحمان شامي سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهائي رهي هئي. وفاقي ??زير مريم اورنگزيب چيو ته احسن اقبال سدائين ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۽ ملڪي ترقي جي ڳالهه ڪئي، قوم جي دعائن سان جلد هو اسان جي وچ ۾ هوندو ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت جو سفر ٻيهر شروع ڪندو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ