اسلام آباد – په??ين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي تعليم کي ترقي جو راز قرار ڏيندي چيو آهي ته علم حاصل ڪرڻ جو سفر سدائين جاري رهڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راشد آباد سٽي آف ايجوڪيشن اي??ڊ هيلٿ ڪيئر جي شاگردن سان ڳالهائيندي ڪيو جن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ فضائيه جو سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان پڻ مو??ود هو. راشد آباد سٽي آف ايجوڪيشن اي??ڊ ڪيئر سنڌ ۾ ٽنڊو الهيار جي ويجهو مو??ود آهي، هي هڪ ڊگهي مدي وارو فلاحي منصوبو آهي جيڪو پاڪ فضائيه جي رٽائرڊ آفيسرن شروع ڪيو آهي، ان تحت ٻارن جي لاءِ ڪيترائي اسڪول، اسپتالون، رهائشي ۽ تفريحي سهولتون اهڙن ٻارن جي لاءِ فراهم ڪيون ويون آهن جن کي ڌيان جي ضرورت آهي ۽ انهن جو تعلق معاشري جي گهٽ مراعت رکندڙ طبقي سان آهي.
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا