اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته گهرو سلامتي تي اثر انداز ٿيندڙ پرڏيهي عملن تي نئين سر غور ڪري د??نشمنداڻي حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ڇو ته ڪشمير، ڀارت، افغانستان، ايران، وچ اوڀر ۽ چين جي صورتحال سڌي سنئين اسان جي د??خلي سلامتي جي معاملن تي اثر انداز ٿيندي آهي. هن اها ڳالهه نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي پڄاڻي واري تق??يب کي خطاب ڪندي چئي. ورڪشاپ ۾ پارليامينٽ جا ميمبر، اعليٰ سول ۽ فوجي ۽ سول سوسائٽي جا ماڻهو شريڪ هئا.
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ