لاهور – 18 مارچ (ا?? پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته حڪومت جي معاشي ۽ مالياتي پاليسين ملڪي معيشت کي پنهنج?? پيرن تي بيهاري ڇڏيو آهي جنهن جا بين الاقوامي مالياتي ادارا ب?? اعتراف ڪري رهيا آهن، س?? پيڪ منصوبي سان نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي قسمت بدلجي ويندي. هو الحمرا هال ۾ گورنمينٽ اسلاميه ڪاليج لاهور جي 61 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. پن??اب جو گورنر رفيق رجوانه، هائير ايجوڪيشن جو صوبائي وزير سيد رضا علي گيلاني، پن??اب يونيورسٽي جو وقتي وائس چانسلر پروفيسر تقي زاهد بٽ، گورنمينٽ اسلاميه ڪاليج جو پرنسپل پروفيسر طاهر جاويد، استادن ۽ شاگر??ن جو وڏي تعداد ان موقعي تي موجود هو. صدر چيو ته گورنمينٽ اسلاميه ڪاليج پن??اب ۽ ان جي لاڳاپيل علائقن لاءِ تحريڪ پاڪستان جو مرڪز رهيو آهي هن اداري جا ان وقت جا شاگرد قائداعظم کان رهنمائي حاصل ڪندا هئا ۽ تحريڪ پاڪستان ج?? پيغام کي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائيندا هئا.
حڪومت جي پاليسين ملڪي معيشت کي پيرن تي بيهاري ڇڏيو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ