مستقبل ۾ معاشي ميدان ۾ سخت مقابلي کي منهن ڏيڻو پوندو: وزيراعظم


APP09-27 ISLAMABAD: January 27 - Prime Minister Muhammad Nawaz Sharif addresses at the launch of “Powering Pakistan for the 21st Century – Volume I: How Maths and Science Power Nations” at PM Office. APP

اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته مستقبل ۾ معاشي ميدان ۾ تمام سخت مقابلي کي منهن ڏيڻو پوندو، جديد علم تي ڌيان نه ڏنو ته اسان دنيا جو مقابلو نه ڪري سگهنداسين، پوري ملڪ جي تعليمي ادارن کي جديد سهولتن ۽ شاگردن کي جديد علم سان آراسته ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس ۾ ”21 هين صدي جي لاءِ مضبوط پاڪستان جي تياري“ جي موضوع تي تقريب ۾ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، تقريب جو اهتمام پاڪستان الائنس فار ميٿ اينڊ سائنس ڪيو هو ۽ ان ۾ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن وارو وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي، فوڊ سيڪيورٽي وارو وفاقي وزير سڪندر حيات بوسڻ، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن جو خاص مددگار طارق فاطمي، سيڙپڪاري وارو وزير مفتاح اسماعيل کانسواءِ قومي اسيمبلي ميمبر، تعليمي ماهرن ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

متعلقہ مضامین