سيڙپڪارن لاءِ جامع منصوبو تيار ڪيو آهي: وزيراعظم


APP79-19 DAVOS: January 19 - Prime Minister Muhammad Nawaz Sharif in a round-table meeting with leading CEOs on the sidelines of World Economic Forum. APP

ڊيووس – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته سندس حڪومت سيڙپڪار دوستاڻي ماحول جي قيام لاءِ هڪ جامع منصوبو تيار ڪيو آهي ۽ غير ملڪي سيڙپڪارن کي ڀليڪار چوڻ لاءِ پنهنجي پاليسين کي آزاداڻو بڻائي رهي آهي، ملڪ ۾ نئين سرمائي جي آمد لاءِ اسان مراعتون فراهم ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ ٽيڪس ڇوٽ، ٽيرف ۾ گهٽتائي، انفرااسٽرڪچر ۽ سيڙپڪاري جي سهولت لاءِ خدمتون شامل آهن. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن هتي ورلڊ اڪنامڪ فورم جي 47 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي گول ميز ڪانفرنس ۾ مشهور ڪمپنين جي سربراهن جي هڪ گروپ سان ڳالهائيندي چئي.

مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ

متعلقہ مضامین