لاهور – 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪامياب اوپن هرٽ سرجري کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو آهي. لاهور ايئرپورٽ تي پنجاب جي گورنر محمد رفيق رجوانه، پنجاب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خ??ن، وفاقي وزيرن احسن اقبال، خواجه سعد رفيق، عابد شير علي، وفاقي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر??، مسلم ليگ (ن) جي سينيئر عهديدارن سميت سينيئر صحافين سهيل وڙائچ، افتخار احمد، سلمان غني، مجيب الرحمان شامي، غريده فاروقي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم محمد نواز شريف استقبال جي لاءِ ايندڙ ماڻهن سان هڪ هڪ ٿي هٿ ملايو ۽ پنهنجي صحت بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم جي وطن واپسي جي موقعي تي خ??تون اول بيگم ڪلثوم نواز پڻ ساڻس گڏ هئي. بعد ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف لاهور ايئرپورٽ کان هيليڪاپٽر ذريعي پنهنجي ر??ائش جاتي امراءَ رائيونڊ جي لاءِ روانو ٿي ويو.
وزيراعظم ڪامياب اوپن هرٽ سرجري کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena