لنڊن – 30 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ??هي ته ملڪ اقتصادي ترقي جي رستي تي گامزن آهي ?? ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، زر??ي پيداوار جا هدف پورا ٿين ها ته جي ڊي پي جي شرح ۾ وڌيڪ هڪ سيڪڙو اضافو ٿي سگهيو ٿي. هن اها ڳالهه پاڪستان هاءِ ڪميشن ۾ وڊيولنڪ ذريعي قومي اقتصادي ڪائونسل ۽ ڪابينا اجلاسن جي صدارت کانپوءِ صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ??ه هلندڙ مالي سال 16 – 2015ع دوران گهٽ زر??ي ڪارڪردگي جي بنياد تي اقتصادي واڌويجهه جي شرح 4.7 سيڪڙو جي ويجهو رهي جيڪا 4.7 سيڪڙو تائين پهچي سگهي پئي. ڪپهه جي متاثر فصل ۽ عالمي منڊي ۾ گهٽ قيمت سان پاڪستان ۾ زر??ي پيداوار تي تمام خراب اثر پيو ??نهن جي نتيجي ۾ معيشت جي واڌويجهه جي شرح هڪ سيڪڙو گهٽ رهي.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ