رياض-03 ڊسمبر (اي پي پي )سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وز??راعظم شهزاده محمد بن سلمان سان گذريل ڏينهن فرانس جي صدر ايمانو??ل ميڪرون ملاقات ڪئي جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب رياض جي قصر اليمامه ۾ فرانس جي صدر جي آجيان لاءِ باضابطه تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. ملاقات دوران سعودي عرب ۽ فرانس ??چ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جو جائزو ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي گڏيل ڪوششن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن گڏ??ل مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ سيڙپڪاري، ع??ائ??ائي ۽ عالمي صورتحال ، گڏيل ڳڻتي وارن معاملن ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. شهزاده محمد بن سلمان ۽ فرانس جي صدر جي موجودگي ۾ سعودي عرب ۽ فرانس ??چ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري ڪائونسل جوڙڻ لاءِ مفاهمتي ياداشت تي سعودي عرب جي پرڏيهي وز??ر شهزاده فيصل بن فرحان ۽ فرانس جي وز??ر ۽ پرڏيهي وز??ر نويل باروٽ صحيحيون ??يو??.
سعودي عرب جي ولي عهد سان فرانس جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ