تهران-29 نومبر(اي پي پي) اي??ان چيو آهي ته اولهه وارن ملڪن طرفان مٿس ٻيهر پابنديون لڳايون ويون ته ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ تي لڳايل پابنديون ختم ڪري سگهون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار اي??ان جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پرڏيهي ميڊيا کي انٽريو دوران ڪيو. هن چيو ته سندس ملڪ هن وقت ايٽمي مواد جي 06 سيڪڙو کان وڌيڪ جي رچاءَ کان اڳيان وڌڻ جو ڪو ارادو نه ٿو رکي .عباس عراقچي ان ڳالهه تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته واعدن موجب اي??ان تي لڳايل پابنديون اڃا ختم نه ڪيون ويون آهن. ان صورتحال ان بحث کي شروع ڪيو آهي ته اي??ان کي پنهجي ايٽمي پاليسي يا نظرئي ۾ تبديلي آئڻ گهرجي. گڏيل قومن جي عالمي ايٽمي توانائي ??اري اي??نسي موجب اي??ان دنيا جو ايٽمي هٿيار نه رکندڙ واحد ملڪ آهي جيڪو هن وقت يورينيم جو 60 سيڪڙو تائين رچاءُ ڪري رهيو آهي جڏهن ته ايٽم بم ٺاهڻ لاءِ يورينيم کي 90 سيڪڙو رچاءُ گهربل هوندو آهي. واضع رهي ته اي??ان ۽ وڏين ط??قت?? وچ ۾ 2015 ع جي ايٽمي معاهدي تحت اي??ان کي پنهجي ايٽمي پروگرام کي محدود ڪرڻ جي بدلي ۾ اولهه وارين پابندين ۾ ڇوٽ ڏيڻ شامل هو ته جيئن ان کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ کان روڪي سگهجي جڏهن ته آمريڪا جلد ئي ان معاهدي کان ڌار ٿ?? ويو جنهن کان پوءِ اي??ان يورينيم جي رچاءَ جي سطح کي اڳيان وڌايو هو.
اولهه جي ملڪن ٻيهر پابنديون هنيُون ته ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ تي لڳايل پابنديون ختم ڪري سگهون ٿا: ايران
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری