گڏيل قومون _ 17 آڪتوبر (اي پي پي)گڏيل قومن غزه بحران ۾ ا??را??يلي بربريت جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ا??را??يل جا حملا هر هنڌ انساني همدردي جي بنيا تي امدادي سرگرمين ۾ رڪاوٽ آهن. اها ڳالهه گڏيل قومن جي وقت?? انڊر سيڪريٽري جوائس مسويا يو اين سيڪيورٽي ڪائونسل کي غزه جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي چئي. هن ٻڌايو ته غزه جي صورتحال هر ڏينهن بدترين ٿيندي پئي وڃي ڇو ته ا??را??يلي فوجي حملا هر موڙ ت?? انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ آهن. هن چيو ته اسپتالن ۾ ٻارڻ ۽ ضروري طبي سامان ختم ۽ خوراڪ جو ذخ??رو گهٽجي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا طرفان ا??را??يل کي فوجي سپلائي روڪڻ جي ڌمڪي باوجود علائقي ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي جي اجازت نٿي ڏني وڃي.جوائس مسويا چيو ته هڪ هفتو اڳ سندس آخري بريفنگ بعد غزه جي ماڻهن کي ا??را??يلي فضائي حملن جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي جاني نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
غزه ۾ اسرائيلي حملا هر هنڌ انساني همدردي جي بنياد تي امدادي سرگرمين ۾ رڪاوٽ آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا