انقره-09 آڪٽوبر (اي پي پي) ترڪيه ۾ ايراني سفير محمد حسن حبيب الله زاده چيو آهي ته سندس ملڪ تي اسرائيل جي امڪاني حملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. مراڪش اخبار کي انٽرويو ۾ ايراني سفير چيو ته اهو دور ختم ٿي ويو آهي جڏهن ايران پنهنجي اصولن تي پوري طرح عمل پيرا هو. جيڪڏهن صيهوني حڪومت ايران تي حملو ڪيو ته ان کي سخت ?? زبردست جواب کي منهن ڏيڻو پوندو. ايران ڪو اهڙو ملڪ نه آهي جيڪو جنگ ڦهلائڻ چاهي ٿو. اسان لبنان ۽ فلسطين ۾ صرف ان شرط تي جنگ بندي چاهيون ٿا ته انهن قومن ۽ انهن جي آبادين جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي. حبيب الله زرده اها به نشاندهي ڪئي ته جيڪي ماڻهو سڌي ريت تڪرار ۾ ملوث نه آهن انهن کي ايران خلاف اسرائيل جي حملن ??ا جار??يت ۾ حصو نه وٺڻ گهرجي ٻئي صورت ۾ ايران جوابي ڪارروائي ڪندو. ايراني سفير چيو ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو ترڪيه جي دوري جو امڪان آهي. جتي هو 3+3 ڏکڻ قفقاز اجلاس جي هڪ ڌُر طور ڳالهين ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته ان فارميٽ جو ٽيو?? سيشن جنهن ۾ آرمينيا، آذربائيجان، روس، ايران، ترڪيه ۽ جارجيا شامل آهن، ترڪيه ۾ ٿيڻ وارو آهي. ٻطرفي لاڳاپن جي با??ي ۾ ڳالهائيندي ايراني سفير چيو ته تهران ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دوري جو منتظر آهي.
اسرائيل جي امڪاني حملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو: ايراني سفير
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria