واشنگٽن-19 ڊسمبر (اي پي پي) خلائي تحقيق جي آمريڪي اداري ”ناسا“ اندروني خلا مان 3 ڪروڙ 10 لک ڪلوميٽر جي مفاصلي تان هڪ وڊيو زمين تي اُماڻڻ جو تجربو ڪيو آهي. رپورٽ مطابق وڊيو ڪلپ ۾ ٽيبي نسل جي بليءَ کي هڪ صوفي تي ليزر لائيٽ جو پيڇو ڪندي ڏيکاري سگهجي ٿو. رپورٽ مطباق ان هاءِ ڊيفي نيشن وڊيو کي 267 ميگابٽس في سيڪنڊ جي رفتار ??ان 3 ڪروڙ 10 لک ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪري زمين تي پهچڻ ۾ 101 سيڪنڊ ل??ا. اها وڊيو زمين کان 31 ملين ڪلوميٽر ڏور موجود هڪ خلائي جهاز مان جديد ترين ليزر مواصلاتي نظام جو استعمال ڪندي اُماڻي وئي. اها وڊيو ڊيپ اسپيس مان نشر ٿيندڙ پهرين وڊيو آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مريخ تي ان??ان کي اُماڻڻ جهڙي پيچيده مشنز لاءِ گهربل انتهائي تيز رفتار ڪميونيڪيشن ممڪن آهي. جڏ??ن اها وڊيو اُماڻي وئي ته خلائي جهاز زمين ۽ چنڊ جي وچ ۾ مفاصلي کان 80 ڀيرا وڌيڪ ڏور هو.
ناسا طرفان 3 ڪروڙ 10 لک ڪلوميٽر جي مفاصلي تان هڪ وڊيو زمين تي اُماڻڻ جو تجربو، پهچڻ ۾ 101 سيڪنڊ لڳا
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا