قاهره-19 آڪٽوبر (اي پي پي) مصر غزه ۾ اسرائيلي بمباري کان متاثر فلسطينين لاءِ امداد کڻي ويندڙ 20 ٽرڪن کي رفح ڪراسنگ کولڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. برطانوي اخبار جي ??پورٽ موجب مصر جي ??دارتي ترجمان احمد فهمي پنهنجي ??يان ۾ چيو آهي ته مصر جي ??در عبدالفتاح السيسي ۽ آمريڪي صدر جوبائيڊن رفح ٽرمينل ذريعي غزه جي پٽي ۾ انساني امداد جي پائيدار فراهمي تي اتفاق ڪيو آهي. آمريڪي صدر جوبائيڊن ان کان اڳ غزه ڪراسنگ کولڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ هاڻي مصر ان جي ??صديق ڪئي آهي ته غزه جي پٽي تائين انساني امداد رفح ڪراسنگ ذريعي گذريندي. ٻنهي اڳواڻن ۾ ٿيل ڳالهين کانپوءِ هڪ بيان ۾ چيو ويو هو ته هي امداد ٻنهي ملڪن جي لاڳپايل عملدارن آمريڪا جي نگراني هيٺ عالمي انساني حقن جي گروپن سان تعاون سان فراهم ڪندا. آمريڪي صدر جوبائينڊن رستن جي مرمت جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته امداد جي کيپ کڻي ويندڙ ٽرڪ ممڪن طور اڄ تائين سرحد پار نه ڪري سگهندا، هن ٻڌايو ته هن وقت رفح ڪراسنگ کان غزه ويندڙ ??ستن جي مرمت ڪئي پئي وڃي ۽ ان تي بمباري سبب وڏا کڏا پئجي ويا آهن جيڪي ڀريا پيا وڃن ۽ شاي?? اڄ جمعي تائين هن روڊ کي سفر جي قابل بڻائي سگهجي.
مصر رفح ڪراسنگ کولڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي، 20 ٽرڪ امدادي سامان جي کيپ کڻي اڄ جمعي تي غزه پهچندا
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais