اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) يورپي يونين چيو آهي ت?? فلسطينين خلاف اس??ائيلي حڪومت پاران کنيل ڪيترائي قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ ان جي ابتڙ آهن اس??ائيل کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي، ميڊيا رپورٽن موجب يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي ڪمشنر جوپ بور??ل گذريل ڏينهن اومان يورپي يونين ۽ نار سهڪار ڪونسل (جي سي سي) جي پرڏيهي وزيرن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اس??ائيل وٽ پنهنجي دفاع ڪرڻ جو مڪمل حق آهي پر اهو عالمي قانون موجب هجڻ گهرجي جڏهن ته اس??ائيل جا ڪيتراڪئي قدم عالمي قانون جي خلاف آهن يورپي يونين ۽ جي سي سي حماس جي حملن جي مذمت ڪئي آهي، هن شهرين تي ڪنهن به حملي ڪرڻ جي مذمت ڪندي فوري طور تي يرغمالين جي آزادي جو مطالبو ڪيو. هن اس??ائيل کان مطالبو ڪيو ته اهو عالمي قانون جو احترام ڪري ۽ غزه جي شهري آبادي کي خوراڪ پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي ۾ رڪاوٽ ??ه وجهي، يورپي يونين ۽ جي سي سي اس??ائيل کان مطالبو ڪيو ته اهي غره کان مصر تائين انساني همدردي جي بنياد تي رستوکولن ته جئين شهري اس??ائيل جي جوابي حملن کان اڳ علائقي مان نڪري سگهن، بوريل جو بيان اس??ائيل جي دفاع واري وزير يووگيلنٽ جي غزه جي مڪمل ناڪا بندي واري حڪم کان پوءِ سامهون آيو آهي.
اسرائيل جي ڪيترائي قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن: يورپي يونين
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج