نيويارڪ-21 سيپٽمبر(اي پي پي) ايران جي صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته سندس ملڪ کي عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي ايٽمي هنڌن جي معائني سان ڪو به مسئلو ناهي صرف ڪجهه معائنو ڪندڙن تي اعتراض آهي. سعودي خابرو اداري موجب هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقع?? تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي معائني ۾ ڪو به مسئلو ناهي پر ڪجهه معائنو ڪندڙن تي اعتراض آهي، جيستائين انهن انسپڪٽرز جو ??علق آهي جيڪي قابل اعتماد آهن اهي ايران ۾ پنهنجو ??اري رکي سگهن ٿ??. ان جو هي بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو جڏهن تازو ئي ايران ڪيترن ئي عالمي معائنو ڪندڙن کي ملڪي ايٽمي هنڌن جو معائنو ڪرڻ کان هٽائي ڇڏيو، ايراني قدم هلندڙ مهيني جي شروع ۾ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي ??ور?? آف گورنرز ۾ آمريڪا، برطانيه، فرانس ۽ جرمني جي قيادت ۾ ان قدم کانپوءِ سامهون آيو آهي جنهن ۾ ايران کان مطالبو ڪيو ويو هو ته هو ايجنسي سان فوري طور تي تعاون ڪري، صدر رئيسي چيو ته ايران جو هي فيصلو عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي اولهه جي ميمبرن جي ڪجهه غير منصفاڻي بيانن جي جواب ۾ آيو، ياد رهي ته ايران طرفان کنيل قدم جنهن کي انسپڪٽرز جي ”ڊي اپائنٽمنٽ“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جنهن ۾ ميمبر ملڪن عام طور تي ايٽمي هٿيارن جي عدم پکيڙ جي معاهي تحت پنهنجي ايٽمي هنڌن جي ڪجهه معائنو ڪندڙن جي دور?? تي اعتراض ڪري سگهن ٿ??.
آءِ اي اي اي جي ايٽمي هنڌن جي معائني سان ڪو مسئلو ناهي، ڪجهه معائنو ڪندڙن تي اعتراض آهي: ايران
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش