گڏيل قومون – 22 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ويجهڙائي ۾ گڏيل قومن جي امن م??ن جي قافلي تي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي، جنهن ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا هئا. ميڊيا رپورٽن م??ابق انتونيو گوتريس متاثر حڪومت جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي 5 زخمي فوجن جي جلد صحتيابي جي خواهش ڪئي. هن ياد ڏياريو ته گڏيل قومن جي امن فوجين کي نشانو بڻائيندڙ حملا عالمي قانون هيٺ جنگي ڏوهن جو حصو بڻجي سگهن ٿا. هن م??لي جي عملدارن کان م??البو ڪيو ته اهي حملي ۾ ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪن ته جيئن انهن کي جلد کان جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي. هن پائيدار امن ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ لاءِ مالي جي عارضي اختيارين ۽ مالي جي عوام جي حمايت لاءِ گڏيل قومن جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو.
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل