بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو منصوبي سان پراڻي مسئلن جي حل ۾ مدد ملندي: وزيراعظم


APP01-27 YANQI LAKE: April 27 - Prime Minister Imran Khan in a group photo with the leaders of participating countries at the Leaders Roundtable Session of 2nd Belt and Road Forum in International Convention Center. APP

اسلام آباد – 27 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي تحسين جوڳي هجڻ جي پاڪستاني عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته اميد آهي ته ان منصوبي سان علائقائي رابطن، تعاون ۽ خوشحالي ۾ اضافي سان گڏوگڏ پراڻي مسئلن جي حل ۾ مدد ملندي، ان منصوبي ۾ شامل ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ کانسواءِ ڊيجيٽل رابطن، ليبر جي چرپر، ثقافتي رابطن ۽ علم ۾ بهترين حصيداري جي چار مختلف علائقن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم ٻي عالمي تعاون بابت بيلٽ اينڊ فورم تي گول ميز ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چين جي شاندار ترقي ۽ ٽن ڏهاڪن جي گهٽ عرصي ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ تي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو.

مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا

متعلقہ مضامین