شهباز شريف پاڻمرادو جلاوطني تي ٻاهر هليو ويو آهي: ڊاڪٽر فردس عاشق اعواڻ


APP86-02 ISLAMABAD: May 02 - Special Assistant to Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan addressing on the occasion of Mega Music Concert at PBC. APP

اسلام آباد – 02 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري خصوصي معاون ڊاڪٽر فرودس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پاڻمرادو جلاوطني تي ٻاهر هليو ويو آهي، ٻيو ڀاءُ بيماري جي آڙ ۾ وڃڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري اڄ وزيراعظم عمران خان جو بيانيو کٽي ويو آهي. ريڊيو پاڪستان ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين بڻائڻ لاءِ پارليامينٽ کي يرغمال ۽ ان کي انا جو مسئلو بڻايو ويو، اسان انهن جي ان ضد کي تسليم ڪيو پر اڄ شهباز شريف پارليامينٽ جي ساک کي داءُ تي لڳائي لنڊن ۾ پاڻمرادو جلاوطني تي آهي ۽ هتي پنهنجو سياسي جانشين مقرر ڪري ڇڏيو.

مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب

متعلقہ مضامین