اسلام آباد ??? 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پائيدار ??رقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ ميمبرن ۽ بلدياتي ادارن جي چونڊيل نمائندن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت پائيدار ??رقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن، ترقياتي ڪمن ۾ بلدياتي ادارن جو ڪردار ??هم نوعيت جو هوندو آهي، پاڪستان ۾ سياستدان ۽ پارليامينٽ ميمبر ترقياتي ڪمن کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهن، بلدياتي ادارا پاڪستان ۾ سياستدانن جي لاءِ نرسري جي حيثيت رکن ٿا. پائيدار ??رقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۾ بلدياتي ادارن جو ڪردار ??ي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پائيدار ??رقي جي لاءِ پارليامينٽ ميمبرن، بلدياتي نمائندن ۽ وسيلن ۽ ترجيحن ۾ توازن برقرار ??هڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون