مريم اورنگزيب پاران پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ ڌماڪي جي مذمت


اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي ان افسوسناڪ واقعي ۾ ايڊيشنل آءِ جي اشرف نور سميت دهشتگردي جو نشانو بڻجندڙن جي لاءِ گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي پوليس، هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ بهادر جوانن شهادت ماڻي ملڪ جو بنياد مضبوط ڪيو آهي.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری

متعلقہ مضامین