اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ??اڪستان ۾ دهشتگردن جي مددگارن کي اهو پيغام آهي ته اهڙي طرح جي بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگردي جي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن، دشمن ٻاهرين ملڪن جون هدايتون وٺي اولهه سرحدي کان داخل ٿي دهشتگردي ڪندا آهن، ملڪ ۾ گهٽي ۽ پاڙي مان فتوا جاري ڪرڻ جو سلسلو ب??د ٿيڻ گهرجي. قومي اسيمب??ي ۾ جهل مگسي واقعي تي پاليسي بيان ڏيندي گهرو وزير احسن اقبال ٻڌايو ته ??اقعو افسوسناڪ آهي سڀ گڏجي ان جي مذمت ڪريون ٿا، اسان جنگ جي حالت ۾ آهيون، دهشتگردن خلاف هي جنگ ملڪ ۾ ڊگ??ي عرصي کان وڙهي پئي وڃي، سيڪيورٽي ادارا ان جي خلاف چو??س آهن، آپريشن رد الفساد ۽ ضرب عضب ٿيا، ننڍا آپريشن ٿيا، دهشتگرد پرڏيهي ملڪ مان هدايتون وٺي اولهندي سرحدن کان داخل ٿي ٽارگيٽ بڻائيندا آهن، انهن جي اسپانسر کي پيغام آهي ته اهڙي قسم جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن.
دشمن اولهه سرحدي کان داخل ٿي دهشتگردي ڪندا آهن: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر