اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شنڪو ٽن ڏينهن جي سرڪاري دور?? کانپوءِ وطن روانو ٿي ويو. وزيراعظم محمد نواز شريف نور خان ايئر بيس تي کيس الود??ع ڪيو. ان موقعي تي بيلاروس جي صدر کي اسلام آباد ۾ سندس قيام جي باري ۾ تصويرن تي ٻڌل البم به پيش ڪيو ويو. اليگزينڊر لوڪا شنڪو جي دوري دوران ٻنهي ملڪن مختلف شعبن ۾ تعاون جي 18 معاهدن تي صحيحون ڪيون. هي گذريل 16 مهينن ۾ بيلاروس جي صدر جو ٻيو دورو هو.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر