گڏيل قومون -25 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش يوڪرين کي هٿيارن جي فراهمي جي آمريڪي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي ۽ بارود?? سرنگهن جي نون خطرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. العربيه موجب بارود?? سرنگهن تي پابندي جي معاهدي تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪمبوڊيا ۾ رٿيل ڪانفرنس ۾ موڪليل تبصري ۾ دنيا ۾ بارود?? سرنگهن کي ناڪام بڻائڻ ۽ تباهه ڪرڻ واري ڪم کي ساراهيو. هن چيو ته خطرو برقرار آهي، ان ڪنوينشن ۾ ڪيترن ئي شرڪت ڪندڙن بارود?? سرنگهن جي نئين سر استعمال سان گڏوگڏ انهن جي هٿيارن کي تباهه ڪرڻ جي معاملي ۾ واعدي خلاف ڪندڙ ڪجهه ملڪ به شامل آهن. هن 164 صحيحيون ڪندڙن کان مطالبو ڪيو آهي، ته اهي پنهنجون زميواريون پوريون ڪن ۽ ان ڪنيونشن جي تع??يل کي يقيني بڻائين، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو تبصرو گڏيل قومن جي ماتحت سيڪريٽري جنرل ارميڊا سلسيا پهچايو. ڪانفرنس ۾ موجود يوڪريني ٽيم آمريڪي بارود?? سرنگهن جي سپلاءِ جي باري ۾ اي ايف پي جي سوالن جواب نه ڏنا. گذريل هفتي آمريڪا اعلان ڪيو هو ته هو يوڪرين کي بارود?? سرنگهون موڪليندو. ان اعلان کي انساني حقن جي ڪارڪنن فوري طور تي تنقيد جو نشانو بڻايو. ڪمبوڊيا جي وزيراعظم هن مانيٽ ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته سندس ملڪ کي هن وقت تائين 1600 چورس ڪلوميٽر (618 چورس ميل) کان وڌيڪ زمين صاف ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪا 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن جون زندگيون متاثر ڪري رهي آهي. ڪمبوڊيا ۾ 1979ع کان هن وقت تائين بارود?? سرنگون ۽ نه ڦاندڙ هٿيارن سان اٽڪل 20 هزار ماڻهو فوت ۽ ان کان ٻيڻا ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. بارود?? سرنگن تي پابندي جي عالمي مهم آءِ سي بي ايل گذريل ڏينهن ٻڌايو ته گذريل سال سڄي دنيا ۾ 5757 ماڻهو بارود?? سرنگن ۽ ڌماڪي خيز مواد جو نشانو بڻيا جنهن مان 1983 فوت ٿي ويا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سمورن رڪارڊ ٿيل فوتگين ۾ 84 سيڪڙو شهري هئا.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران يوڪرين کي هٿيارن جي فراهمي جي آمريڪي فيصلي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ