نئين دهلي- 20 نومبر (اي پي پي) جڳ مشهور موسيقار اي آر رحمان ۽ سندس گهرواريءَ سائره بانو شادي جي 30 سال?? کانپوءِ ڌار ٿيڻ جو اعل??ن ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سائره بانو جي وڪيل وندنا شاهه ان خبر جي تصديق ڪن??ي ان کي هڪ مشڪل فيصلو قرار ڏنو آهي. ٻنهي جي گڏيل بيان ۾ وڪيل چيو ته شادي جي ڪيترن ئي سال?? کانپوءِ سائره پنهنجي وَر اي آر رحما?? کان ڌار ٿيڻ جو مشڪل فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو سندن لاڳاپن ۾ اهم جذ??ات?? ڇڪتاڻ کانپوءِ ڪيو ويو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هڪٻئي سان گهري محبت باوجود، جوڙي محسوس ڪيو آهي ته ڇڪتاڻ ۽ مشڪلاتن سندن وچ ۾ هڪ خال پيدا ڪري ڇڏيو آهي، سائره ان ڳال??ه تي زور ڀريو آهي ته هن اهو فيصلو درد ۽ ڪرڀ سبب ڪيو آهي، سائره ان مشڪل وقت ۾ عوام کان رازداري ۽ سمجهداري جي درخواست ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي زندگي جي ان مشڪل باب کي اڳتي وڌائي رهي آهي، اي آر رحمان ۽ سائره بانو 1995ع ۾ شادي ڪئي هئي، سندن ٽي ٻار خديجه، رحيمه ۽ امين آهن.
اي آر رحمان ۽ سندس گهرواريءَ سائره بانو جو شادي جي 30 سالن کانپوءِ ڌار ٿيڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ