بيروت – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل جي جنگي جهازن ڏکڻ لبنان تي وڏي پيماني تي شديد حملا ڪيا آهن، اهي حملا ان وقت شروع ٿيا جڏهن حزب الله جي سربراهه ??سن نصر الله پنهنجي خطاب ۾ لبنان ۾ اليڪٽرانڪ مادن جي ڌماڪن ۾ درجنين فوتگين ۽ هزارين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪري رهيو هو. پرڏيهي خا??رو اداري مطابق اسرائيل جي فضائي حملن ۾ ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي راڪيٽ لانچرز، ??ٿيارن جي ذخيرن ۽ ٻين ٺڪاڻن سميت هڪ سو کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو ويو آهي. اهي حملا ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيا جيڪي گذريل سال آڪٽوبر ۾ غزه جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ شديد ترين هئا. انهن حملن سبب نقصانن جو فوري طور تي ڪو اطلاع ناهي مليو. لبنان جي سرڪاري خا??رو اداري چيو آهي ته ??سرائيل خميس جي شام ملڪ جي ڏکڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 52 حملا ڪيا ۽ لبنان اتر اسرائيل ۾ فوجي ٺڪاڻن تي به حملا ڪيا آهن.
اسرائيلي جنگي جهازن پاران ڏکڻ لبنان تي شديد حملا
مضمون کا ماخذ : ریل رش