ڍاڪا -08 آگسٽ (اي پي پي ) بنگلاديش جي نوبل انعام يافته معاشي ماهر ۽ بينڪر ڊاڪٽر م??مد يونس عبوري حڪومت جي سربراهه طور حلف کڻڻ لاءِ پيرس کان وطن واپ?? روانو ٿي ويو. انڊيا ٽو ڊي جي رپورٽ موجب 84 سالن جو م??مد يونس علاج لاءِ فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ موجود هيو. بنگلاديش جي فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آ??ي ته ڊاڪٽر م??مد يونس جي سربراهيءَ ۾ عبوري حڪومت حلف کڻندي. وطن واپسي جي روانگي کان اڳ پيرس جي چارلز ڊي گال هوائي اڏي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر م??مد يونس چيو ته بنگلاديش جي صورتحال کان آگاهه آهيان ۽ وطن واپ?? روانو ٿي رهيو آ??يان. هن چيو ته ملڪ کي موجوده صورتحال مان ڪ??ڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ تي غور ڪري رهيا آهيون. رپورٽ موجب بنگلاديش ۾ عوامي احتجاج جي نتيجي ۾ اقتدار ڇڏي ڀارت ويل اڳوڻي وزيراعظم حسينه واجد ۽ ڀارتي حڪومت ۾ موجود سندس خير خواهه ڪنهن يورپي ملڪ ۾ سياسي پناهه جي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
بنگلاديش جي صورتحال کان آگاهه آهيان: ڊاڪٽر محمد يونس
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس