اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي بلوچستان جي ضلعي ڊيره بگٽي ۾ ڪڇي ڪينال پراجيڪٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. 80 ارب رپين جي لاڳت سان مڪ??ل ٿيندڙ ڪڇي ڪينال سان ڊيره بگٽي جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ 72 هزار ايڪڙ غيرآباد زمين آباد ٿيندي. واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين وزيراعظم کي ڪڇي ڪينال منصوبي بابت بريفنگ ڏني. گهرو وزير احسن اقبال، سيفران وارو وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ، پاڻي وسيلن وارو وزير سيد جاويد علي شاهه، پيٽرولم وارو مملڪتي وزير ڄام ڪمال، پاڻي وسيلن وارو مملڪتي وزير دوستين ??ان ڊومڪي، بلوچستان جو وڏو وزير سردار ثناء?? الله ??ان زهري، سينيٽر سردار يعقوب ناصر، قومي اسيمبلي ميمبر خالد حس??ن مگسي، بلوچستان جا صوبائي وزير ۽ سينيئر عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ڪڇي ڪينال (فيز 1) جو مڪ??ل ٿيڻ واٽر انفراسٽرڪچر ۽ زرعي آبپاشي جي شعبي ۾ اهم سنگ ميل آهي.
وزيراعظم ڪڇي ڪينال پراجيڪٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری