اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) نئين چونڊيل وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ايوان جو سڀ کان وڏو ڪم آهي ته هو پنهنجو تقدس ۽ عزت بحال ڪري، ??خا??ف ڌر، فوج، انٽيليجنس ادارا، عدليه، ڪاروباري ماڻهن سميت سمورا ادارا هڪ ٻيڙي جا سوار آهن، ٻيڙي ۾ سوراخ ٿيو ته سڀ ٻڏي ويندا. قومي اسيم??لي ۾ وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين خطاب ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته قائد ايوان جي چونڊ جي جمهوري عمل ۾ حصو وٺڻ تي سمورن ميمبرن جو ٿ??رائتو آهيان. اهو جمهوري طريقو آهي جيڪو اڄ اختيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پنهنجي پارٽي مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جو ٿ??رائتو آهيان جنهن هن عهدي لاءِ مون کي موزون سمجهيو. آئون سمورن ووٽ ڏيندڙن جو پڻ ٿورائتو آهيان ۽ ??خا??ف ڌر جو پڻ ٿورائتو آهيان پر سڀ کان اڳ محمد نواز شريف جو ٿ??رائتو آهيان جنهن مون کي هن عهدي جي لاءِ نامزد ڪيو، انهن سمورين ??خا??ف پارٽين جو جن اسان جو ساٿ ڏنو اسان کي ووٽ ڏنو، انهن جو ٿ??رائتو آهيان. پي ٽي آءِ جي قيادت عمران خان ۽ پارلياماني قيادت جو ٿ??رائتو آهي جيڪي روزانو گارين ۾ اسان کي شامل ڪن ٿا.
ايوان پنهنجو تقدس ۽ عزت بحال ڪري: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ