ڪٽاس راج – 11 جنوري (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن کي معاشري ۾ جائز مقام ڏيارڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون وينديون، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن پاڪستان کي عالمي سطح تي اقليت دوست ملڪ جي طور تي سڃاتو و??ندو. هو ڪٽاس راج جي دوري جي موقعي تي واٽر فلٽريشن پلانٽ جي افتتاح کانپوءِ ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. ??زي??اعظم نواز شريف چيو ته هو سمورن پاڪستانين جو ??زي??اعظم آهي ۽ اهو سندس مذهبي فر?? آهي ته هو ملڪ جي هر شهري جو بنا ڪنهن فرق جي خيال رکي. هن چيو ته آثار قديمه جي ح??ال?? سان ڪٽاس راج کي وڏي اهيمت حاصل آهي جيڪو 4 تهذيبن جو سنگم آهي، اڄ جو ميڙ پوري دنيا کي پيغام ڏئي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن کي برابر جو شهري سمجهيو ۽ مڃيو وڃي ٿو.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ