اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سل??متي ڪائونسل جي 5 مستقل ميمبر ملڪن جي اڳواڻن کي خط لکيا آهن جن ۾ انهن تي زور ڀريو ويو آهي ته اهي ڀارتي حڪومت تي والاريل ڪشمير ۾ رتوڇاڻ فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل جي قراردادن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهن. پرڏيهي آفيس پاران ڪالهه سومر ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض فوج پاران انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي حوالي سان سل??متي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن چين، فرانس، روسي فيڊريشن، برطانيا ۽ آمريڪا جي ملڪي سربراهن ۽ حڪ??مت?? کي خط لکيا آهن.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز