اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته وفاقي ڪابينا سيپٽمبر مهيني جي لاءِ پي??روليم مصنوعات جي موجوده قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٽيڪس معاملن ۾ گڏيل انتظامي مدد بابت 14 سيپٽمبر 2016ع تي پيرس ۾ او اي سي ڊي تحت گهڻ رخي ڪنوينشن تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد پڻ ان موقعي تي موج??د هو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا وزيراعظم جي پ??ئيدار ترقياتي هدفن جي پ??وگرام، ٻٽن ٽيڪسن کان پاسو ڪرڻ ۽ آمدني تي ٽيڪس جي حوالي سان مالياتي چوري کي روڪڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ معاهدي تي صحيحن جي لاءِ ٽئين پر??ٽو??ول ۽ شروعاتي مسودي تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏني آهي، آمدني تي ٽيڪ??ن جي حوالي سان ٻٽي ٽيڪس کان پاسو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ سوئيٽزرلينڊ جي وچ ۾ ڪنوينشن تي نظرثاني ۽ شروعاتي مسودي تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏني وئي. ڪابينا ٽيڪس قانون ترميمي آرڊيننس 2016ع ۽ پي??روليم مصنوعات تي سيلز ٽيڪس جي تعين جي پڻ منظوري ڏني.
ڪابينا پيٽروليم مصنوعات جي قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil