واشنگٽن-15 نومبر (اي پي پي) آمريڪا ??وئيٽه ۾ ريلوي اسٽيشن تي ٿيل بم ڌماڪي ج?? مذمت ڪندي چيو آهي ته آمريڪا دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان ڪلهوڪلهي سان ملائي بيٺل آهي. آمريڪا جي پرڏيهي کاتي ج?? پرنسپل نائب ترجمان پريس بريفنگ دوران گذريل ڏينهن چيو ته اسان 9 نومبر تي ڪوئيٽه ريلوي اسٽيشن تي ٿيل بم ڌماڪي ج?? سخت لفظن ۾ مذمت، متاثرن ۽ سندن وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. هن پاڪستاني نمائيندي ج?? هڪ سوال جي ج??اب ۾ چيو ته پاڪستان سان ان قسم جي خطرن کي مُنهن ڏيڻ ۾ اسان جا گڏيل مفاد آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان علا??قا??ي سلامتي لاءِ گڏيل عزم رکون ٿا. نائب ترجمان چيو ته اسان 2019ع ۾ ائين ئي ڪيو هو ?? اڄ به اسان دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان ڪلهوڪلهي سان ملائي بيٺل رهنداسين.
مضمون کا ماخذ : کڑک