گڏيل قومون-15 نومبر (اي پي پي) پا??ستان گڏيل قومن کي ٻڌايو آهي ته غزه ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اي?? آر ڊبليو اي) کي بند ڪرڻ لاءِ اسرائيلي قانونسازي لکين ف??سطينين کي افراتفري ۾ ڌڪي ڇڏيندي، عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو غزه ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اهم لائف لائن يو اي?? آر ڊبليو اي جي ڀرپور حمايت ڪري. گڏيل قومن ۾ پا??ستان مشن ۾ فرسٽ سيڪريٽري انصر شاهه گذريل ڏينهن جنرل اسيمبلي جي پوليٽيڪل اينڊ ڊي ڪالونائيزيشن بابت چوٿين ڪميٽي ۾ بحث دوران چيو ته اسرائيل طرفان يو اي?? آر ڊبليو اي خلاف پروپيگنڊا ۽ ان جي امدادي سرگرمين کان روڪڻ گهرجي ۽ اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن ته يو اي?? آر ڊبليو اي فعال رهي ۽ پنهنجي مينڊيٽ موجب انساني همدردي جي ڪمن کي سرانجام ڏي. پا??ستاني نمائيندي انصر شاهه چيو ته عالمي برادري کي فلسطيني عوام جي اميد ۽ وقار کي بحال ڪرڻ لاءِ انصاف، انساني حقن، بين الاقوامي قانون جي اصولن کي برقرار رکڻ گهرجي، هن چيو ته پا??ستان يو اي?? آر ڊبليو اي جي امدادي ڪاررواين کي ختم ڪرڻ جي اسرائيلي ڪوششن جي مذمت ڪئي. پا??ستاني نمائندي لکين ف??سطينين لاءِ سنگين خدشن کي اجاگر ڪيو ته اسرائيلي قدمن سان ضروري عوامي خدمتن جهڙوڪ تعليم، صحت ۽ سماجي مدد ختم ٿي وينديون جن تي سندن زندگي جو دارومدار آهي. هن چيو ته غزه جي سموري آبادي کي خدشو آهي ته ان جي واحد لائف لائين ختم ڪئي ويندي. ميمبر ملڪن جي مداخلت کانسواءِ يو اي?? آر ڊبليو اي بند ٿي ويندو جنهن سان لکين ف??سطيني افراتفري ۾ هليا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته فلسطيني عوام جي پڪار جو جواب ڏيڻو پوندو. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن عالمي برادري چارٽر ۽ عالمي قانونن جي پاسداري لاءِ ٺوس قدم نه کنيا ته گڏيل قومن جي چارٽر جي بنياد تي ٺاهيل عالمي نظام تباهه ٿي سگهي ٿو. هن ف??سطينن لاءِ پا??ستان جي مستقل حمايت ۽ ان جي خود اراديت واري حق ج?? ورجاءُ ڪندي چيوته عالمي برادري کي فلسطيني برادري جي اميد ۽ وقار جي بحالي لاءِ انصاف، انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي اصولن کي برقرار رکڻ گهرجي.
اسرائيل کي يو اين آر ڊبليو اي خلاف پروپيگنڊا ۽ ان جي امدادي سرگرمين تي پابندي کان روڪڻ گهرجي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا