باڪو _21 آگسٽ (اي پي پي ) آذربائيجان باضابطه طور تي برڪس جو ميمبر ٿيڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. الجزيره مطابق آذربائيجان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان آئيحان حاجي زاده چيو آهي ت?? سندس ملڪ برڪس جو ميمبر بڻجڻ لاءِ باضابط درخواست ڏني آهي. آذربائيجان ۽ چين وچ ۾ ”اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي قيام بابت گڏيل ??ڌرائي “ قازقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ 03 ۽ 04 جولاءِ تي منعقد شنگهائي سهڪار تنظيم جي مُلڪي سربراهن واري اجلاس ۾ منظور ڪئي وئي هئي. پڌرائي ۾ واضع ڪيو ويو آهي ت?? آذربائيجان پاران برڪس ۾ شموليت جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو ۽ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته چين ان درخواست جي آجيان ڪئي آهي. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي 18 ۽ 19 آگسٽ تي آذربائيجان جي سرڪاري دوري جي ۾ منظور ڪيل گڏيل ??ڌرائي ۾ چيو ويو هو ته روس برڪس ۾ آذربائيجان جي شرڪت جي حمايت ڪري ٿو. جون 2006ع تي سينٽ پيٽرز برگ انٽر نيشنل اڪنامڪ فورم ۾ برازيل، روس، ڀارت ۽ چين گڏجي برڪس جو بنياد وڌي هو. سال 2010ع ۾ ڏکڻ آفريقا ۽ ان ئي سال مصر، ايٿوپيا جي شرڪت سان هڪ گهڻ ??وم?? تنطيم جوڙي وئي هئي. ايران ۽ گڏيل عرب امارات جي به شموليت سان ان کي وڌيڪ ??ٿي ملي. 40 کان وڌيڪ ????ڪن برڪس ۾ شموليت لاءِ درخواستون ڏنيون آهن.
آذربائيجان باضابط طور تي برڪس جو ميمبر ٿيڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ