رياض-24 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي وڻڪاري بابت قومي مرڪز ۽ مد??نه گورنريٽ جي سهڪار سان مختلف هنڌن کان 50 سال پراڻن 8 قديم وڻن کي البيضا پارڪ ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد پراڻي وڻن جو تحفظ ۽ انهن جي بهتر سارسنڀال ??رڻ آهي. اردو نيوز موجب پراڻن وڻن کي منتقل ڪرڻ جي ق??من ۾ ماحوليات جي تحفظ جي ٽاسڪ فورس ٽيمن به خصوصي طور شرڪت ڪئي. گڏيل ٽيمن مديني شريف جي شاهه سل??ان بن عبدالعزيز پارڪ کان 5 جڏهن ته الفريش قريه کان 3 پراڻن وڻن کي مديني شريف شهر کان ٻاهر البيضا جي علائقي جي پارڪ ڏانهن منتقل ڪيو. منتقلي کان اڳ نباتات جي معاملن جي مخصوص ٽيمن سمورن وڻن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ انهن جي عمر ۽ نسل جو تعين ڪرڻ کانپوءِ کين ٻي هنڌ تي منتقلي جي منظوري جاري ڪئي.
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا