بيجنگ -17 اپريل (اي پي پي) چين جي فيٽ ڊانگ لائي نالي سپر مارڪيٽ پنهنجي ملازمن لاءِ سال ۾ 10 ڏينهن جون اداسي جون موڪلون (سيڊ ليوز) متعارف ڪرايون آهن. ميڊيا رپورٽن موجب فيٽ ڊانگ لائي ڪمپني جا ملازم جيڪڏهن اداس آهن ۽ انهن جي ڪم تي اچڻ لاءِ دل نٿو چوي ته اهي سال ۾ 10 موڪلون ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته انهن موڪلن کي مئنيجر پڻ رد نٿا ڪري سگهن. واضح رهي ته 1995ع ۾ ڄاڻايل نالي سان پهريون اسٽور شروع ڪندڙ ڪمپني جي مالڪ يوڊونگ لائي چيو آهي ته هر شخص جي زندگي ۾ اهڙو ڏينهن ايندو آهي جڏهن هو اداسي واري ڪيفيت مان ??ذرندو آهي، اها انساني فطرت ??هي. هن چيو ته جڏهن ملازم اداس هجن ته موڪل ڪري سگهن ٿا. موڪل ڪرڻ سان خوشي محسوس ڪري سگهندا. اهڙي طريقي سان ??مپني انهن جي اداسي ختم ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪندي. ڪمپني جا ملازم اڳ ئي سال ۾ 40 موڪلون ڪندا آهن جڏهن ته ان ??ان سواءِ نئين سال جي جشن دوران 5 ڏينهن ڪمپني جا اسٽور بند رهندا آهن.
چين جي فيٽ ڊانگ لائي ڪمپني پنهنجي ملازمن لاءِ سال ۾ 10 ڏينهن جون اداسي جون موڪلون متعارف ڪرايون
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ