اسلام آباد – 27 فيبروري (اي پي پي) صدر ممنون حسين آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ باهه وسائڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن ماڻهن جي لاءِ محفوظ زندگي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن اها ڳالهه بلڊنگ ڪوڊ آف پاڪستان 2016ع جي باهه کان بچاءُ بابت شقون شامل ڪرڻ واري تقريب کي خطاب دوران چئي. ان موقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. خيبرپختونخواهه جو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا پڻ ان موقعي تي موجود هو.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا