اوٽاوا-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سفارتي محاذ تي ڀارت کي ھڪ وڏو جھٽڪو لڳو آهي ڪينيڊا ڀارتي ھاءِ ڪمشنر سنجي ڪمار ورما ۽ 5 سفارتي اھ??ڪارن کي جلاوطن ڪري ڇڏيو آھي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق خالصتان نواز سک اڳواڻ ھرديپ سنگهه نجر جي قتل ڪيس سبب ڀارتي ??فارتڪارن کي ڪينيڊا مان ملڪ بدر ڪيو ويو آھي. ان کان اڳ ڀارت پنھنجي شرمندگي کي لڪائڻ لاءِ ڪينيڊا مان پنھنجي ھاءِ ڪمشنر ۽ سفارتڪارن کي واپس گھرائڻ جو فيصلو ڪيو، انھن سفاتڪارن کي ڪينيڊا خالصتان نواز سک اڳواڻ هرديپ ??نگ نجر جي قتل جي جاچ ۾ شامل ڪيو ھو. ڀارتي پرڏيھي وزارت نئين دھلي ۾ ڪينيڊا احتجاج ۾ ناظم الامور کي به طلب ڪري ورتو. ڀارتي پرڏيھي وزارت چيو ته ڪينيڊا ۾ موجود ڀارتي ??فارتڪارن جي سيڪيورٽي جي حوالي سان مودي حڪومت کي ڪينيڊا جي موجوده حڪومت تي ??عتبار نه آھي. ڀارت جوابي قدمن جو حق رکي ٿو. واضح رھي ته ٻنھي ملڪن وچ ۾ تڪرار جي شروعات گذريل سال ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ ھرديپ سنگه نجر جي قتل بعد ٿيو ھو. ڪينيڊا جي وزيراعظم ھرديپ ??نگ نجر جي قتل جا الزام ڀارتي ??ڪومت تي لڳايا ھئا. ان کانپوءِ ڀارت 41 ڪينيڊين سفارتي ??ختيارين کي ملڪ ڇڏڻ جو چيو ھو.
ڪينيڊا پاران ڀارت جي ھاءِ ڪمشنر سميت 5 سفارتڪار ملڪ بدر
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha