گڏيل قومون-02 اپريل (اي پي پي)گڏيل قومن اسپتال جي احاطي مان اسرائيل جي نيڪالي بعد غزه جي الشفا اسپتال ۾ مشن اماڻن جي م??صو??ي جو اعلان ڪيو آهي. شنهوا مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ چيو آهي ته اسرائيلي فوج جي احاطي مان نيڪالي بعد گڏيل قومون غزه شهر جي الشفا اسپتال ۾ هڪ مشن جي م??صو??ابندي ??ري رهيو آهي. ترجمان مطابق ان م??صو??ي تحت اتي پهچي ماڻهن کي طبي ??مداد ڏني ويندي ۽ اسپتال جي حالت جو جائزو پڻ ورتو ويندو. ترجمان چيو ته صحت جي عالمي اداري( ڊبليو ايڇ او) تڪرار جي خاتمي ۽ اسرائيل جي حڪومت طرفان مناسب حفاطت جي يقين ڏيارڻ جو انتظار آهي. هن چيو ته ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ٽيڊروس اذانومگيبرئيس مطابق کين جيڪا معلومات ملي آهي اها ڪافي خطرناڪ آهي.
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ