گڏيل قومون-14 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي سمورن رياستن تي زور ڀريو آهي ته هو حملي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۾ پاڪستان سان سهڪار ڪن. گڏيل قومن جي 15رڪني سل??متي ڪائونسل جي صدر جوز ڊي لاگا سڪا طرفان جاري پريس رليز موجب سل??متي ڪائونسل جي ميمبرن متاثرن جي وارثن ۽ حڪومت پاڪستان سان گهري همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪ??و ۽ زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ ني?? خواهشن جو اظهار ڪيو. بيان ۾ چيو ويو ته سل??متي ڪائونسل جي ميمبرن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي پنهنجي سمورين شڪلن ۾ عالمي امن ۽ سل??متي لاءِ سنگين خطرن مان هڪ آهي، سل??متي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته دهشتگردي جي ان قابل مذمت ڪاررواين جي مرتڪب ماڻهن، منتظيمن، مالي مدد ڪندڙن ۽ سرپرستي ڪندڙن کي جوابده بڻائڻ ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ ان سل??لي ۾ حڪومت پاڪستان سان گڏ ٻين سمور?? لاڳاپيل عملدارن سان فعال سهڪار ڪرڻ جي ضرروت آهي.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل