گڏيل قومون-27 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو ساليانو اجلاس پڄاڻي تي پهتو?? جنهن ۾ پاڪستان جي نگران وزي??اع??م انوار الحق ڪاڪڙ سميت سڄي دنيا مان تقريبن 88 ملڪي سربراهن، 42 حڪومتي سربراهن ۽ 650 کان وڌيڪ وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ماحولياتي تبديلين، مصنوعي ذهانت جي غلط استعمال جهڙن چئلينجن کي اجاگر ڪيو ويو. عالمي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اداره جاتي چئلينجز جي باوجود گڏيل قومون انسانيت کي درپيش چئلينجز جو گڏيل حل تيار ڪرڻ لاءِ سڀني کان وڏو پليٽ فارم آهي. پاڪستان جي نگران وزي??اع??م انوار الحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي 22 سيپٽمبر تي خطاب ڪيو هو، پنهنجي خطاب ۾ هن ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل کي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ امن لاءِ اهم قرار ڏنو ۽ سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو هو ته هو ڄمون ڪشمير بابت پنهنجي قراردادن تي عمل کي يقيني بڻائي. نگران وزي??اع??م پنهنجي خطاب ۾ عالمي برادري تي واضح ڪيو ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير بابت سلامتي ڪائونسل جي ا??هن ??راردادن تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي جن ۾ ڄمون ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو ان جي عوام جي ذريعي گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري ذريعي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. نگران وزي??اع??م انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي خطاب ۾ جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي ا??جنڊا تي موجود ٻين موضوعن تي پاڪستان جو موقف وضاحت سان پيش ڪيو. جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس پنهنجي پڄاڻي واري خطاب ۾ سڄي دنيا جي ماڻهن کي ا??ن، خوشحالي، ترقي ۽ پائيداري فراهم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي اڻٽر عزم تي روشني وڌي. هن چيو ته هي اڳڀرائي هڪ خوش آئنده آهي ته گڏيل قومن جو ڌيان اسان جي وقت جي گڏيل چئلينجز تي آهي. فرانس جي صدر تڪرارن ۾ ملوث قومن ۽ گروهن ??چ ۾ امن ۽ دوستي جي مڪالمي کي آسان بڻائڻ ۾ پنهنجي طرفان مدد جي آڇ ڪئي. گڏيل قومن جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل امينه محمد چيو ته جيتوڻيڪ اسان وٽ وسيلن جي کوٽ آهي پر اهو ئي سبب آهي جنهن ??اءِ اسان پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور ڀري رهيا آهيون. اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سڄي دنيا مان آيل اڳواڻن ان موقعي مان فائدو کڻندي 2 هزار کان وڌيڪ ٻطرفين گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي، 13 هزار کان وڌيڪ ملڪي نمائندن، ميڊيا جي 2600 ميمبرن ۽ 40 هزار کان وڌيڪ ٻين شرڪت ڪندڙن عام مباحثي ۽ ان سان لاڳاپيل هڪ سئو کان وڌيڪ ايونٽس ۾ شرڪت ڪئي. ايس ڊي جي ا??ڪشن ويڪ اينڊ سول سوسائيٽي، ڪاروباري ادارن، نوجوانن، سائنسدانن، مقامي ۽ علائقائي حڪومتن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي 2030ع جي ا??جنڊا کي پورو ڪرڻ لاءِ جامع ڪوششن کي متحرڪ ڪرڻ جي حوالي سان گڏ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو ساليانو اجلاس پڄاڻي تي پهتو، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سميت سڄي دنيا مان 88 ملڪي سربراهن، 42 حڪومتي سربراهن ۽ 650 وزيرن شرڪت ڪئي
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن