اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوام کي بهترين اسلوب حڪمراني جي فراهمي کي حڪومت جو اولين فرض قرار ڏيندي چيو آهي ته پنجاب ۾ اختيارن جي هيٺئين سطح تي منتقلي، وسيلن جي هڪ جهڙي ورڇ ۽ هر علائقي کي ترقي جي بنا ڪنهن فرق جي موقعن جي فراهمي وارو نئون بلدياتي نظام هڪ انقلابي قدم آهي، نئين بلدياتي نظام سان فنڊن جي فراهمي، فيصلاسازي ۽ ??هو??تن جي دستيابي مقامي سطح تي ممڪن ٿيندي، فرسوده نظام مان فائدو کڻندڙ مفاد پرست عنصر نظام جي تبديلي جي خلاف مزاحمت ڪندا آهن پر انهن کي شڪست ڏئي ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حقيقي طور تي اختيار هيٺئين سطح تي منتقل ڪري رهيا ??هي??ن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان سان گڏ وزيراعظم آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ??ي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر