اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزي?? بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته قانون موجب ڪارروائي جاچ ادارن جو حق آهي، اهي ڪارروايون چونڊن تي اثرانداز نه ٿينديون، جيڪڏهن ڪنهن کي جاچ ادارن جي ڪارروائي سان ??ختلاف آهي ته اهو اعليٰ عدليه سان ??جوع ڪري سگ??ي ٿو. هو اڪيڊمي ادبيات پاڪستان ??ي اهتمام هيٺ پاڪستابي ادب جا 70 سال جي موضوع تي قومي ادبي سيمينار کي خطاب ۽ بعد ۾ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سيد علي ظفر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان پوري قوم کي يقين ڏياريون ٿا ته 25 جولاءِ 2018ع تي ئي عام چونڊون ٿينديون، نگران ??ڪومت جي اها ذميواري آهي ته ايندڙ عام چونڊن کي صاف، شفاف، پرامن ۽ غيرجانبداراڻو بڻايون. هن چيو ت?? جيڪڏهن ڪو به جاچ ادارو قانون ۽ آئين موجب ڪارروايون ڪري رهيو آهي ته اهو ان ??و حق آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي جاچ ايجنسي کان ڪا شڪايت آهي ته اهو هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ جي فورم سان ??جوع ڪري سگ??ي ٿو.
قانون موجب ڪارروائي جاچ ادارن جو حق آهي: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II