اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي عالمي برادري تي اسلام فوبيه، مذهبي امتياز ۽ مسلمانن خلاف اڍنگي رويي جي روڪٿام لاءِ زور ڏيندي عالمي فورمن خاص طور تي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي سطح تي ان ڏس ۾ گڏيل قدم کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته ٻنهي طرفن کان ترجيحي طور تي توانائي، انفرااسٽرڪچر، زراعت، هائوسنگ سمي?? مختلف شعبن ۾ حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان ڳالهه جو اظهار پاڪ – ترڪ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي ايندڙ رخن جي باري ۾ جاري گڏيل پڌرنامي ۾ ڪيو ويو، گڏيل پڌرنامي موجب ترڪ صدر رجب طيب اردوان صدر ممنون حسين جي دعوت تي 16 ?? 17 ??ومبر تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو جڏهن ته هڪ اعليٰ سطح جو ??فد به ساڻس گڏ هو.
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔